Tuesday, August 11, 2026

دي آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد رجسٽرڊ پاران نامياري صحافي ۽ تجزيه نگار مظهر عباس سان شام ملهائي وئي. تقريب




 حيدرآباد: دي آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد رجسٽرڊ پاران نامياري صحافي ۽ تجزيه نگار مظهر عباس سان شام ملهائي وئي. تقريب دوران مظهر عباس حيدرآباد سان پنهنجي وابسته يادن،ڳ شهر جي ثقافتي حيثيت شاگرد سياست ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ موجوده ميڊيا جي صورتحال بابت خيالن جو اظهار ڪيو

.

تقريب ۾ ڳالهائيندي مظهر عباس چيو ته حيدرآباد سندس جنم ڀومي آهي پر اڄ اهو حيدرآباد ناهي رهيو جيڪو هن پنهنجي ننڍپڻ ۾ ڏٺو هو. هن چيو ته هن شهر سان سندس ڪيتريون ئي يادون وابسته آهن. حيدرآباد ڪنهن زماني ۾ ثقافت جو ڳڙهه هوندو هو, جتي لطيف ڪانفرنسن سميت مختلف ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون ٿينديون هيون.

هن چيو ته آرٽس ڪائونسل جي موجوده حالت ڏسي افسوس ٿيو آهي. حيدرآباد ۾ قائم آرٽس ڪائونسل کي پاڪستان جي وڏين آرٽس ڪائونسلن مان هڪ هجڻ گهرجي ها. هن چيو ته جيڪو ڪم حيدرآباد جي آرٽس ڪائونسل کي ڪرڻ گهرجي اهو ڪم اڄ ڪراچي پريس ڪلب ڪري رهيو آهي.


مظهر عباس چيو ته حيدرآباد جي تاريخ ۽ هن شهر سان وابسته نامور شخصيتن تي ڪيترن ئي ليکڪن لکيو آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر مبارڪ علي سميت ڪيترن ئي دانشورن ۽ اديبن پڻ حيدرآباد بابت لکيو آهي.

پنهنجي والد جو ذڪر ڪندي مظهر عباس چيو ته مشهور اداڪار محمد علي کي سندس والد متعارف ڪرايو هو جيڪو اڳتي هلي پاڪستان جو وڏو اداڪار بڻيو.بهن پنهنجي شاگردي واري دور جون يادون تازيون ڪندي چيو ته جڏهن هو ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو ته شاگرد يونين جون چونڊون ٿينديون هيون ۽ اختلاف به ٿيندا هئا  پر انهن اختلافن کي دليل بحث ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪيو ويندو هو.

مظهر عباس چيو ته شاگرد يونين تي پابندي لڳڻ کانپوءِ ملڪ ۾ سياسي نرسري ختم ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ نئين سياسي قيادت اڳتي اچي نه سگهي.

موجوده سياسي صورتحال بابت ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪي ماڻهو اڄ چون ٿا ته موجوده نظام هلي نه سگهندو اهي ئي هن نظام جا بينيفشري آهن. هن چيو ته ماڻهن کي ورهائڻ لاءِ نون انتظامي يونٽن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ماضي ۾ به ملڪ ۾ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو هو. هن چيو ته نظام ساڳيو آهي رڳو چهرا تبديل ٿيا آهن. پاڪستان ۾ اڪثريت کي قبول نه ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ورهائڻ جا نتيجا ماضي ۾ به سامهون اچي چڪا آهن جنهن سبب ملڪ ٽٽي ويو. هن چيو ته بنگالي اڄ اسان کان اڳتي نڪري ويا آهن.

عدليه جي صورتحال تي ڳالهائيندي مظهر عباس چيو ته ملڪ ۾ عدليه جي حالت اهڙي آهي جنهن جا اثر سڄي ملڪ تي پئجي رهيا آهن. هن چيو ته ميڊيا تي پابنديون لڳايون ويون ۽ مختلف سياسي تنظيمن تي به پابنديون مڙهيون ويون ماضي ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي به پابندي لڳائي وئي.


بلوچستان جي صورتحال بابت ڳالهائيندي هن چيو ته بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ڇا ملڪ جي عوام کي ان جي خبر ناهي جيڪڏهن اتي ميڊيا کي رپورٽنگ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ته ماڻهو  ٻيا ذريعا ڳوليندا. هن چيو ته اهڙي صورتحال کي نظرانداز ڪرڻ سان اهي ئي حالتون پيدا ٿي سگهن ٿيون جيڪي ماضي ۾ بنگال ۾ پيدا ٿيون هيون.

ميڊيا جي موجوده صورتحال تي ڳالهائيندي مظهر عباس چيو ته ميڊيا هن وقت سينسرشپ جو شڪار آهي خبرون هٽايون وڃن ٿيون ۽ صورتحال اها ٿي وئي آهي ته خبر اها ئي هوندي آهي جيڪا حڪومت کي وڻي.

تقريب ۾ صحافين، اديبن، فنڪارن، سماجي اڳواڻن ۽ شهر جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته ڪراچي پريس ڪلب جي صدر شاعري ٻڌائي

No comments:

Post a Comment

دي آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد رجسٽرڊ پاران نامياري صحافي ۽ تجزيه نگار مظهر عباس سان شام ملهائي وئي. تقريب

 حيدرآباد: دي آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد رجسٽرڊ پاران نامياري صحافي ۽ تجزيه نگار مظهر عباس سان شام ملهائي وئي. تقريب دوران مظهر عباس حيدرآباد ...