Friday, August 7, 2026

مورو جي رهواسڻ شازيه سولنگي پاران آئيني درخواست داخل ڪئي وئي


 سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مورو جي رهواسڻ شازيه سولنگي پاران آئيني درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته سندس مڙس محمد مٺل جي چاچن ۽ سئوٽن خلاف اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو، جڏهن ته پوليس قربان عرف بگو کي گرفتار ڪري حراست ۾ رکيو ۽ گهر جي ڀڃ ڊاهه ڪري لکين رپين جو سامان کڻي وئي درخواستگذار شازيه پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس شادي محمد مٺل سان وارثن جي رضامندي ۽ مرضي موجب ٿي هئي پر بعد ۾ بابا غلام علي کي مجن، ارشد، محبوب علي ۽ قربان زرداري سميت ٻين ڌرين سندس وارثن کي مبينا طور بڙڪايو جنهن کانپوءِ مختلف معاملا پيدا ٿيا درخواستگذار موجب معاملو اڳتي وڌڻ بعد راڄوڻي سطح تي فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ 25 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو سندس چوڻ آهي ته مڙس محمد مٺل پنهنجي زرعي زمين وڪڻي اهو ڏنڊ ادا ڪيو جڏهن ته ان عرصي دوران سندس چار مهينن جو حمل به مبينا طور ضايع ٿي ويو شازيه عدالت کي ٻڌايو ته بعد ۾ سندس مڙس محمد مٺل جي چاچن ۽ سئوٽن خلاف اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو. هن الزام لڳايو ته پوليس قربان عرف بگو کي گرفتار ڪري پنج مهينن تائين جيل ۾ رکيو، جڏهن ته سندن گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري لکين رپين جو سامان پڻ کڻي وڃڻ جو الزام آهي درخواستگذار عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته کيس ۽ سندس مڙس سميت خاندان جي ٻين ڀاتين کي لاڳاپيل ڌرين کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ کين مبينا طور انتقامي ڪاررواين کان بچايو وڃي سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست تي گھرو کاتي جي سيڪريٽري، ايس ايس پي حيدرآباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز، ايس ايڇ او نوشهروفيروز، ايس ايڇ او هٽڙي ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن عدالت لاڳاپيل ڌرين کان درخواست بابت جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 21 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

No comments:

Post a Comment

جدید دنیا اور فراڈ کے نئے طریقے: ٹیکنالوجی کے دور میں خود کو کیسے محفوظ رکھا جائے؟

  جدید دنیا اور فراڈ کے نئے طریقے: ٹیکنالوجی کے دور میں خود کو کیسے محفوظ رکھا جائے؟ تحریر: Jan Ali Laghari موجودہ دور کو ٹیکنالوجی کا دور ک...